جوهيءَ وارو مندر

جوهيءَ وارو مندر

جوهيءَ وارو مندر

جوهيءَ وارو مندر: هن وقت قُبيءَ جي نالي سان مشهور هندن جو مندر اڄ به جوهي شهر ضلعي دادوءَ ۾ آهي. نهايت عمدي نموني جوڙايل هيءُ مندر هن وقت چانڊيا قبيلي جي رهائش بڻيل آهي. هن مندر جي ڏکڻ ۾ مندر جي سنڀاليندڙ جي رهائش لاءِ خوبصورت عمارت ميساري دڪان ٺهرايا ويا آهن. ڪجهه وقت هن عمارت ۾ سول جـج جـوهـيءَ جـي رهـائـش بـه هـونـدي هئي. هن عمارت جي اولهه ۾ عـاليـشـان ڇاپرو ٺهرايل هوندو هو. ان ڇاپري ڀرسان کوهه اڄ به قائم آهي. ڇـاپـري ۾ ڪـاڇـي ڏانهن ايندڙ ويندڙ عـام مسـافـرن جـي آسائش جو بندوبست ٿيل هوندو هو، بعد ۾ رند قبيلي جي ماڻهن ڇاپري واري جاءِ تي شاپنگ سينٽر جوڙائي ڇڏيو آهي. روايتن موجب جوهيءَ جي واسُو فقير جا هندو وڏا معتقد هوندا هئا. واسو فقير جو مُقام جوهي شهر جي ڏکڻ ۾ موجود آهي. انهيءَ واسُو فقير تي هندو هر سال ميلو لڳرائيندا هئا. ميلي جي موقعي تي هندو برادري ڀڳت ڪنور رام ۽ ماسٽر چندر کي به وقت به وقت ڪوٺي آڻيندا هئا ۽ انهيءَ ڇاپري واري ماڳ وٽ محفل موسيقي رچائيندا هئا. مندر ۾ مختلف جانورن، پکين، شِوَ ۽ ٻين اوتارن جي تصوير ڪشي ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو